#اڇوت_ڪھاڻي

ھڪ برھمڻ شام جو پنھنجي گھر آيو ۽ زال کان پاڻي گھريو. اتفاق سان گھر ۾ پاڻي ختم ٿي ويو ھو. ھوء گھرواري پاڙي مان پاڻي ڀري آئي. برھمڻ پڇيو.”ايتري دير ڇو لڳائي ڇڏي؟“
گھرواري چيو”سوامي گھر ۾ پاڻي ڪونہ ھو تہ پاڙي مان ڀري آئي آھيان تنھن جي ڪري دير ٿي وئي ۔ معاف ڪجو۔!!“
برھمڻ کي ڪروڌ اچي ويو ۽ زال کي گرم لھجي ۾ چوڻ لڳو ”پاڙي ۾ تہ شودر جو گھر آھي ۔ تو مون کي شودرن جو پاڻي پياري منھنجو ڌرم ڀرشٽ ڪري ڇڏيو!!!“
زال ڏھڪي وئي ۽ مڙس کان معافي وٺي چوڻ لڳي”سوامي مون کي معاف ڪريو ۔ ٻيھر اھڙي غلطي ڪونہ ڪندس۔!!“
برھمڻ ڪنڌ ڌوڻيندو گھر کان ٻاھر نڪري ويو.
رات جو واپس اچي ھن زال کي ماني لڳائڻ جو چيو تہ زال وراڻي ڏني”سائين ماني تہ ٺاھي ھئي پر وري ويچار آيو تہ جن ٺڪرن ۾ ماني پچائي آھي سي تہ شودر لوھار جي ھٿن جا ٺھيل آھن ۔ تنھن ڪري اڇلائي ڇڏي.“برھمڻ وري ڪاوڙ وچان چيو
”پاڻي ڏي.“زال چيو سوامي! جن مٽڪن ۾ پاڻي ھوندو آھي سي بہ تہ شودر
ڪنڀار جا ٺاھيل آھن ۔ مون اھي اشڌ مٽڪا بہ اڇلائي ڇڏيا آھن.“
برھمڻ چيو
”ڀلا کير ئي کڻي اچ.“
زال چيو
”سائين کير بہ ڪٿان آڻيان، ڍڳي ڏھڻ وارو مزدور بہ تہ اڇوت ذات مان آھي نہ ۔ تنھن ڪري انهي کي ڪم جو جواب ڏئي کير وڇڙي کي ڌارائي ڇڏيو.“
برھمڻ بک مان بي حال ٿي چيو
”چري کير کي اڇوت ڪٿان لڳندي!!“
زال چيو
”سائين عجيب ڳالھ آھي ۔ پاڻي تي ڇوت ۽ اڇوت جو اثر ٿي سگھي ٿو پر کير تي ڇو نہ۔!!!!“
برھمڻ چيو
”بي وقوف عورت سڀ ڪجھ ٽوڙي اڇلائي ڇڏجان، ڪجھ بہ نہ رکجان.“
زال برھمڻ کي وڌيڪ بر ڪندي چيو
”بلڪل سوامي سوچان پئي تہ ھي گھر بہ تہ اڇوت ذات جي مزدورن
جو ٺھيل آھي ۔ تنھن کي بہ ٽوڙائي ڇڏيان ۽ پوءِ کلي آسمان ھيٺيان بقايا جيون گذاريون.“
برھمڻ جي ڪاوڙ ۽ مغروري ستين آسمان تي ھئي ۽ زال کي چوڻ لڳو
”پوڄا جي ٿالهي ٺائي کڻي اچ تہ آئون ايشور کان تنھنجي ڀل بخشايان!!“
زال ٺھ پھ چيو
”سوامي! پوجا جي ٿالهي ۾ جيڪي گل پوندا آھن،
سي بہ تہ شوڌر مالهي جي محنت آھن سي ڀڳوان کي ڪيئن ارپن ڪندا۔؟؟؟؟“
برھمڻ کي پنھنجي زال جي ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ۽ پنھنجي سوچ کان شرمنده ٿيو.
جن محنت ڪش مزدورن کي دنيا اڇوت چئي اپمانت ڪري ٿي، حقيقت ۾ انهن جي ڪري ئي دنيا جي بنيادي ضرورتن جو وجود آھي. اسان
ھر ڳالھ جيان ورڻن واري نظريي کي پنھنجي مفاد مطابق استعمال ڪري ڌرم تي سوال اٿاريا آھن ۔ مھرباني ڪري بدلجندڙ وقت سان گڏ پنھنجي انهي انسانيت جي دائري کان ٻاھر واري سوچ جو بدلاء بہ تمام ضروري آھي.
You can follow @Itx_Nimx.
Tip: mention @twtextapp on a Twitter thread with the keyword “unroll” to get a link to it.

Latest Threads Unrolled:

By continuing to use the site, you are consenting to the use of cookies as explained in our Cookie Policy to improve your experience.